Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain
٭نيڪي جو جذبو ملندو ۽ ٭اخلاق ۽ ڪردار ۾ به بهتري ايندي. هر هفتي عشاء جي نماز کان پوءِ پابندي سان مدني مذاڪرو ڏسڻ جي نيت ڪيو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! محرم الحرام جي بابرڪت مهيني جي آمد آمد آهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! 26 جون کان وٺي 11 محرم الحرام تائين، روزانو رات جو 9 لڳي 45 منٽن تي مدني مذاڪرن جو پُرنور سلسلو ٿيندو.
٭ جيڪڏهن ممڪن هجي ته عالمي مدني مرڪز، فيضانِ مدينه، ڪراچي ضرور تشريف کڻي هلو ۽ اميرِ اهلسنت، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي روح پرور صحبت ۾ مدني مذاڪرن ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪريو! ٭ پنهنجن علائقن ۾ اجتماعي طور تي مدني مذاڪرا ڏسڻ جو خاص اهتمام فرمايو! ٭ پنهنجن گهر جي ڀاتين کي به گڏجي مدني مذاڪرو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪريو! ٭ فيس بڪ ۽ يوٽيوب تي پڻ مدني مذاڪرو لائيو (Live) نشر ٿيندو آهي، تنهنڪري جيڪڏهن ممڪن هجي ته اتي به ڏسڻ جو اهتمام ڪريو! اللہ پاڪ اسان سڀني کي شرڪت جي توفيق عطا فرمائي. آمين. اچو ته! مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي فضيلت ۽ فائدن تي ٻڌل هڪ مدني بهار ٻڌون:
منڊي بهاءالدين (صوبو پنجاب، پاڪستان) جي رهڻ واري هڪ اسلامي ڀاءُ جي تحرير جو خلاصو آهي ته دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پهرين مان گناهن جي هلاڪت خيز وادي ۾ ڀٽڪي رهيو هيس. هر وقت دل ۽ دماغ تي فيشن جو ڀوت سوار رهندو هو ۽ نيڪين کان پري دنيا جي رنگينين ۾ گم ٿي زندگي برباد ڪري رهيو هيس. هڪ ڀيري هڪ اسلامي ڀاء دعوتِ اسلامي جي تحت ٿيندڙ آخري عشري جي اجتماعي اعتڪاف جي ڀرپور ترغيب ڏياري، جنهن جي ڪري الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان مون کي اعتڪاف جي سعادت ملي، اجتماعي اعتڪاف جو پرڪيف ماحول، پرسوز بيانات، سحر ۽ افطار جا روحاني منظر تمام سٺا لڳا، ڪرم بالاءِ ڪرم هي ته اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي