Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain

خنجر سان سندن تي حملو ڪيو، جنهن سان پاڻ زخمي ٿي پيا ۽ مديني پاڪ ۾ شهادت جو موت ماڻيائون. حضرت صهيب رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  سندن جنازي جي نماز پڙهائي ۽ روضي پاڪ ۾ حضور جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي مبارڪ ڀر ۾ دفن ٿيا.([1])

حیاتی میں تو تھے ہی خدمتِ محبوبِ خالق میں          مزار اب ہے قریبِ مصطفےٰ فاروقِ اعظم کا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

احاديث ۾ فضائلِ فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  

٭ پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ   فرمايو: جنهن عمر سان بغض رکيو، ان مون سان بغض رکيو، جنهن عمر سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي، بيشڪ الله پاڪ عرفه جي رات مسلمانن تي عمومي فخر فرمائيندو آهي ۽ عمر تي خصوصي فخر فرمائيندو آهي، بيشڪ اڳين نبين سڳورن  عليهم السلام جي اُمت ۾ مُحَدِّث هوندا هئا، جيڪڏهن منهنجي اُمت ۾ ڪو مُحَدَّث آهي ته اهو عمر آهي. صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم پڇيو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! ڪهڙو مُحَدَّث ؟ فرمايائون: اهو جنهن جي زبان تي ملائڪ ڳالهائيندا آهن ([2])

٭ هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّ اللهَ جَعَلَ الْحَقَّ عَلٰی لِسَانِ عُمَرَ وَ قَلْبِہٖ بيشڪ الله پاڪ عمر جي زبان ۽ دل تي حق رکي ڇڏيو آهي. ([3]) ٭مڪي مدني آقا، ٻنهي جهانن جي سردار صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ   فرمايو: عمر مون سان گڏ آهي، مان عمر سان گڏ آهيان، مون کان پوءِ عمر جتي به هوندو، حق ان سان گڏ هوندو. ([4])


 

 



[1]...کرامات فاروقِ اعظم، صفحہ:5تا6خلاصۃً۔

[2]...معجم اوسط، جلد:5، صفحہ:102، حدیث:6726۔

[3]...کنزالعمال، کتاب:الفضائل، فضل عمر بن الخطاب، جزء:11، جلد:6، صفحہ:262، حدیث:32714۔

[4]...تاریخ ابن عساکر، جلد:48، صفحہ:324۔