Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain

علمي ۽ روحاني مدني مذاڪرن ۽ رقت انگيز دعائن دل تان گناهن جي مَير صاف ڪري ڇڏي. منهنجي گناهن سان اونداهي زندگي ۾ عشقِ مصطفيٰ جي روشني پکڙجي وئي. مون پنهنجن گناهن کان سچي توبه ڪئي ۽ امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  کان بيعت جو شرف حاصل ڪيو، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ ڏاڙهي شريف سان چهرو سجائي ورتم، مٿي تي عمامي شريف جو تاج سجايو ۽ سنتن ڀري زندگي گذارڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول اختيار ڪري ورتم([1])

مقبول جہاں بھر میں ہو دعوتِ اسلامی             صدقہ تجھے اے ربِّ غَفَّار! مدینے کا([2])

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                    صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

صراط الجنان ايپلي ڪيشن جو تعارف

اي عاشقانِ رسول! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي اسان کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي به علمِ دين سکڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪندي آهي. دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي:  (Sirat ul Jinan Quran & Tafsir صراط الجنان قرآن اينڊ تفسير). هن ايپلي ڪيشن ۾ ٭ مڪمل قرآنِ ڪريم ٭ اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، شاهه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو لکيل ترجموڪنز الايمان ٭ آسان ترجمو، ترجمو ڪنزالعرفان ۽ ٭ آسان انداز ۾ لکيل تفسير صراط الجنان شامل آهي. ٭ قرآن ڪريم، ترجمو ۽ تفسير آڊيو ۾ به ٻڌي سگهو ٿا ٭ روزانو تلاوت ڪيون ويندڙ سورتن کي الڳ سان جمع ڪيو ويو آهي ٭ مدني چينل تي هلندڙ تفسيرِ قرآن ۽ مختلف قرآني پروگرام به هن ايپلي ڪيشن ذريعي بآساني ڏسي سگهو ٿا ٭ وڌيڪ هي ته قرآني آيتن کي، ترجمي ۽ تفسير کي واٽس ايپ (WhatsApp)، فيس بڪ (Facebook) وغيره تي


 

 



[1]...بدچلن کیسے تائب ہوا؟، صفحہ:12تا 14 بتغیر۔

[2]...وسائلِ بخشش،صفحہ:180۔