Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! ٭ رضاءِ الاهي جي لاءِ بيان ٻڌندس ٭ بَاادب ويهندس ٭ خوب توجهه سان بيان ٻڌندس ٭ جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، خود عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

شرابي کي توبه ڪرائي ڇڏيائون

روايت آهي: مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  جو هڪ ديني ڀاءُ (يعني دوست) هو، اهو هجرت ڪري ملڪ شام هليو ويو ۽ اتي ئي رهڻ لڳو. هڪ ڀيري ملڪ شام مان هڪ شخص حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، پاڻ ان کان پڇيائون: منهنجي فلاڻي ديني ڀاء (يعني دوست) جو ڪهڙو حال آهي؟ اهو چوڻ لڳو: سائين...! اهو فلاڻو شخص...؟ اهو ته شيطان جو ڀاءُ آهي. اهو ته وڏا وڏا ڪبيره گناهه ڪندو آهي، ايتري قدر جو شراب به پيئندو آهي. حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  ان شامي شخص کي فرمايو: جڏهن تون واپس ملڪ شام وڃڻ لڳين ته مون سان ملي ڪري وڃجانءِ. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن اهو شخص پنهنجي ملڪ واپس موٽڻ لڳو ته حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  هڪ خط لکيو، ان خط ۾ پهريان هي آيت سڳوري لکيائون.


 

 



[1]...بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔