Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain

ته ظاهري لباس هر جاءِ ڪارخانن ۾ ملي ويندو آهي پر تقويٰ جو لباس مديني پاڪ ۾ ٺهندو آهي، اولياءِ ڪرام جي آستانن تان ملندو آهي.[1]

طیبہ سے منگائی جاتی ہے، سینوں میں چھپائی جاتی ہے

توحید کی مئے پیالوں سے نہیں، آنکھوں سے پِلائی جاتی ہے

فاروق اعظم جي نصيحت

هڪ ڀيري مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  ماڻهن کان پڇيو: اَيُّ النَّاسِ اَفْضَلُ؟ يعني سڀ کان افضل ٻانهو ڪير آهي؟ ماڻهن عرض ڪيو: نمازي. فرمايائون: نماز پڙهڻ وارو ڪڏهن ڪڏهن گناهه به ڪندو آهي، نيڪيون به ڪندو آهي (يعني هي به ته ممڪن آهي ته ٻانهو نماز ته پڙهندو آهي پر ٻين ڪيئي طرح جي گناهن ۾ مبتلا آهي، تنهن ڪري صرف نمازي افضل نٿو ٿي سگهي). ماڻهن وري عرض ڪيو: خدا جي راهه ۾ وڙهڻ وارو. پاڻ فرمايائون: هي به گناهه به ڪندو آهي، نيڪيون به ڪندو آهي. ماڻهو چيو: روزيدار سڀ کان افضل آهي. فرمايائون: روزيدار به ڪڏهن گناهه ڪندو آهي، نيڪ ڪم به ڪري رهيو هوندو آهي. آخر حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  پاڻ فرمايو: سڀ کان افضل ٻانهو صاحبِ ورع (يعني پرهيزگار) آهي. بيشڪ ورع (يعني پرهيزگاري) ذريعي ماڻهو جون نيڪيون مڪمل ٿي وينديون آهن... ([2])

سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي تمام سبق آموز روايت آهي، واقعي ڪيترا اهڙا آهن جيڪي نمازون ته پابندي سان پڙهندا آهن پر ڪوڙ به ڳالهائيندا آهن، سودي لين دين به ڪندا آهن، گاريون به بڪندا آهن، غيبتون ۽ چغليون به ڪندا آهن ٭ ٻين کي تڪليفون به ڏيندا آهن ٭ ڪيترا روزيدار اهڙا آهن جيڪي بک اڃ کان سواءِ ڪجهه حاصل ناهن ڪندا، روزو رکي به گناهن ڀرئي ڪمن ۾ پيل هوندا آهن ٭ ڪيترا حاجي اهڙا آهن جيڪي لکين روپيا خرچ


 

 



[1] تفسیر نعیمی، پارہ:8، سورۂ اعراف، زیرِ آیت:26، جلد:8، صفحہ:405 ملخصاً۔

[2]...موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الوراع، جلد:1، صفحہ:198، حدیث:18۔