Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain

فيضانِ فاروق اعظم ڪتاب جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  جي سيرت جو هڪ خوبصورت واقعو ٻڌو. هي واقعو مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”فيضانِ فاروق اعظم“، جلد: 2، صفحي: 388 تي درج آهي. هي 2 جلدن تي مشتمل هڪ تمام خوبصورت ڪتاب آهي، شايد حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  جي سيرت تي ايڏو جامع ۽ ايڏو وڏو ڪتاب اردو زبان ۾ شايد ڪو ٻيو هجي. هي ڪتاب مڪتبة المدينه تان حاصل ڪيو! گهر ۾ رکو! پاڻ به پڙهو! گهر وارن کي به پڙهڻ جي ترغيب ڏياريو! چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ  www.dawateislami.net  يا Ebook library نالي موبائل ايپلي ڪيشن ذريعي ڊائون لوڊ ڪري وٺو! پاڻ به پڙهو ۽ سٺين سٺين نيتن سان واٽس ايپ گروپن ۾ شيئر به لازمي ڪيو!

دوستن کي نصيحت ڪيو...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! هي واقعو جيڪو اسان ٻڌو، ان ۾ اسان لاءِ سکڻ جون گهڻيون ئي ڳالهيون آهن. هڪ بنيادي درس جيڪو هتي ڏنو ويو، پاڻ حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  صاف لفظن ۾ اسان کي ان جي نصيحت فرمائي ته جڏهن به توهان جو ڪو دوست، ڪو مسلمان ڀاءُ سڌي رستي تان هٽي وڃي، نيڪيون ڇڏي گناهن ۾ پئجي وڃي ته ان جي معاملي ۾ شيطان جا مددگار نه بڻجو، بلڪه ان جي حق ۾ دعائون ڪيو ۽ نيڪي جي دعوت ڏئي ان کي واپس نيڪي جي رستي تي وٺي اچو...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! هي تمام زبردست نصيحت آهي، واقعي ائين ئي ٿيندو آهي، جيڪڏهن ڪو شخص نيڪ رستي تي هلي رهيو هجي، پوءِ اهو نيڪي جي رستي تان هٽي ڪري گناهن جي رستي تي هلڻ لڳي، مثال طور ٭ پهريان ڏاڙهي رکيل هيس، هاڻي ڪوڙائي ڇڏيائين ٭ پهرين عمامو ٻڌندو هو، هاڻي هن سنت کان محروم ٿي ويو ٭ پهرين نمازون پڙهندو هو، هاڻي غير حاضريون شروع ٿي ويون، اهڙي حالت ۾ اسان وٽ غيبتن جو هڪ دروازو کلي ويندو آهي، ماڻهو چوراهن تي بيهي، پنهنجين نجي محفلن ۾ ويهي ان