Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain
سُبْحٰنَ الله! الله پاڪ اسان کي به بابرڪت بڻائي ٭ اسان دوستن جي محفل ۾ آهيون، اتي به نيڪي جي دعوت عام ڪريون ٭ دڪان تي آهيون، اتي به نيڪي جي دعوت عام ڪريون ٭ گهر ۾ آهيون، اتي به نيڪي جي دعوت عام ڪريون. غرض؛ اسان جتي به هجون نيڪي جي دعوت عام ڪندا ئي رهون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم .
فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جو مختصر تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! ٭ حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ بلند رتبي وارا صحابي رسول بلڪه مرادِ رسول آهن، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کين الله پاڪ کان گهري ورتو يعني پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم دعا فرمائي، جنهن جي نتيجي ۾ حضرت عمر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ اسلام قبول ڪيو. ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي اسلام قبول ڪرڻ سان اسلام جي عزت ۽ غلبي ۾ اضافو ٿيو، مسلمانن کي حوصلو مليو ٭حضرت عمر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ ئي مسلمانن حرم پاڪ ۾ اعلانيه نماز ادا ڪئي ٭ رسولِ هاشمي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت عمر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کي پنهنجو وزير فرمايو ٭ اسلام جي تمام اهم منصوبه بندين ۾ حضرت عمر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ الله پاڪ جي حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا خصوصي مُشير رهيا ٭ ساري زندگي حضور جانِ ڪائنات، فخر موجودات صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ گذاريائون ٭ مسلمانن جي پهرئين خليفي حضرت ابو بڪر صديق رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي وفات کانپوءِ 10 سال 5 مهينا ۽ 21 ڏينهن تائين مسلمانن جا خليفا ۽ امير المؤمنين رهيا.
پسِ صدیق اکبر مصطفےٰ کے سب صحابہ میں ہے بےشک سب سے اُونچا مرتبہ فاروقِ اعظم کا([1])
٭ آخرڪار مسجد نبوي شريف ۾، فجر جي نماز پڙهائيندي، هڪ ڪافر