Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain

سُبْحٰنَ الله! خبر پئي؛ زبان جي حفاظت ذريعي دل روشن ٿي ويندي آهي، جڏهن دل روشن ٿي ويندي آهي ته ايمان پختو ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن ايمان پختو ٿيندو آهي، پوءِ ڄاڻو ٿا ڇا ٿيندو آهي؟ هڪ مدني بهار ٻڌو!

یارَبّ! نہ ضرورت کے سوا کچھ کبھی بولوں    اللہ! زباں کا ہو عطا قفلِ مدینہ

آقا جو ديدار ملي ويو

هڪ اسلامي ڀيڻ جيڪا عطاريه آهي، ان خاموشي جي اهميت تي مشتمل اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو بيان ٻڌو، سندن دل تي گهرو اثر ٿيو ۽ زبان کي فضول ڳالهين کان بچائڻ جو ذهن بڻجي ويو. هاڻي ان خاموش رهڻ شروع ڪري ڇڏيو. چوي ٿي: اڃا 3 ئي ڏينهن ئي مس گذريا هئا ته مون تي ڪرم ٿي ويو؛ مون کي خواب ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ۽ ڪيئي صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم جي زيارت جو شرف ملي ويو. [1]

سُبْحٰنَ الله! هي خاموشي جي برڪت آهي. ڪاش! اسان کي به زبان کي فضوليات کان بچائڻ جي توفيق ملي، ان جي برڪت سان گناهه گهٽ ٿيندا، دل روشن ٿيندي، ايمان پختو ٿيندو ۽ ڪهڙي خبر اسان گنهگارن تي به ڪرم ٿئي ۽ محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جلوو ڏيکارڻ خواب ۾ تشريف وٺي اچن.

تری جبکہ دید ہو گی جبھی میری عید ہو گی         مِرے خواب میں تُوآنا مَدَنی مدینے والے[2]

الله پاڪ اسان کي فضول ڳالهين کان بچڻ ۽ ضرورت جي ڳالهه به گهٽ کان گهٽ لفظن ۾ نبيرڻ جي عادت نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم .

بک بک کی یہ عادَت نہ سرِ حشر پھنسا دے         اللہ! زباں کا ہو عطا قفلِ مدینہ

ہر لفظ کا کس طرح حساب آہ! میں دُوں گا          اللہ! زباں کا ہو عطا قفلِ مدینہ


 

 



[1] خاموش شہزادہ، صفحہ:34۔

[2] وسائل بخشش، صفحہ:424۔