Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain
ڪري حج ته ڪري وٺندا آهن پر گناهن کان باز ناهن ايندا ٭ ڪيترا تلاوت ڪرڻ وارا اهڙا آهن جيڪي تلاوتِ قرآن جي باوجود گناهن ۾ به مبتلا هوندا آهن. حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمايو: افضل ٻانهو اهو آهي جيڪو پرهيزگاري اختيار ڪندو آهي، گناهه ڇڏي ڏيندو آهي. جڏهن ٻانهو گناهه ڇڏي ڏيندو آهي ته ان جون نيڪيون پايئه تڪميل کي پهچي وينديون آهن.
پيارا اسلامي ڀائرو! تقويٰ جو لباس افضل آهي. هي تقويٰ هوندو ڇا آهي؟ هي به ٻڌي وٺو! هڪ ڏينهن مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ حضرت ڪعب الاحبار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي فرمايو: اي ڪعب! ٻڌايو ته تقويٰ ڇا آهي؟ حضرت ڪعب الاحبار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عرض ڪيو: اي امير المؤمنين! ڇا اوهان ڪڏهن اهڙي رستي تان گذريا آهيو جنهن تي ڪنڊن واريون ٽاريون هجن؟ حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمايو: ها، بلڪل منهنجو اهڙي رستي تان گذر ٿيو آهي. حضرت ڪعب رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ عرض ڪيو: تڏهن اوهان اهڙي رستي تان ڪيئن گذرندا آهيو؟ ارشاد فرمايائون: مان ڪنڊن کان بچندو آهيان ۽ پنهنجا ڪپڙا سنڀالي وٺندو آهيان. حضرت ڪعب رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ عرض ڪيو: ذٰلِکَ التَّقْویٰ بس اها ئي تقويٰ آهي. ([1])
مطلب هي ته اسان هن دنيا ۾ آياسين، الله پاڪ اسان کي پاڪيزه روح عطا فرمايو، پاڪ صاف دل عطا فرمائي، هاڻي اسان هن دنيا مان گذري آخرت ڏانهن وڃي رهيا آهيون، ڄڻ ته هي دنيا هڪ رستو آهي ۽ هن رستي تي ڪنڊن واريون ٽاريون آهن، هڪ طرف شيطان آهي، هڪ طرف نفس آهي، هڪ طرف دنيا جي محبت آهي، هڪ طرف مال جي محبت آهي، حسد، بغض، ڪينو، خواهش پرستي وغيره وغيره هزارين گناهه ۽ هزارين گناهن جا رستا، هي سڀ ڄڻ ته ڪنڊن واريون ٽاريون آهن، اسان زندگي جي هن سفر ۾ پنهنجي پاڪيزه روح کي، پنهنجي دل کي هنن ڪنڊن وارين ٽارين (يعني گناهن) کان بچائيندي گذري وڃڻو