Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain
حٰمٓۚ(۱) تَنْزِیْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِیْزِ الْعَلِیْمِۙ(۲) غَافِرِ الذَّنْۢبِ وَ قَابِلِ التَّوْبِ شَدِیْدِ الْعِقَابِۙ
(پارہ:24، سورۂ مومن:1-3)
ترجمو: ڪنزالعرفان: حٰم. ڪتاب جو نازل فرمائڻ الله جي طرف کان آهي جيڪو عزت وارو، علم وارو آهي. گناھ بخشڻ وارو ۽ توبہ قبول ڪرڻ وارو، سخت عذاب ڏيڻ وارو، وڏي انعام وارو آهي. ان کان سواءِ ڪو به معبود ناهي، انهيء جي طرف موٽڻو آهي.
پوءِ پنهنجي ان ديني ڀاءُ لاءِ ڪجهه نصيحتون لکيائون ۽ نيڪي جي دعوت ڏنائون. اهو خط پاڻ ان شامي شخص کي ڏنائون ۽ فرمايائون: هي خط منهنجي دوست تائين پهچائي ڇڏجانءِ. ([1])
هن خط ۾ اهڙي تاثير هئي جو ان شخص جڏهن اهو خط پڙهيو ته پڪاري چيائين: بيشڪ الله پاڪ بخشڻ وارو آهي، يقيناً الله پاڪ مغفرت جو واعدو فرمايو آهي، يقيناً الله پاڪ توبه قبول فرمائڻ وارو آهي، يقيناً الله پاڪ جي پڪڙ ڏاڍي سخت آهي.
اهو شخص بار بار اهو ئي چوندو رهيو، ايتري تائين جو مٿس رقت طاري ٿي وئي ۽ هو زور زور سان روئڻ لڳو. آخرڪار هن شراب پيئڻ کان سچي پڪي توبه ڪئي ۽ نيڪ انسان بڻجي ويو.
حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کي جڏهن هن توبه جي خبر پهتي ته فرمايائون: توهان به ائين ڪندا ڪيو، جڏهن توهان ڏسو ته توهان جو ڪو ڀاءُ ڀٽڪي ويو آهي ته ان کي سڌي رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪيو ۽ ان ڏانهن خصوصي توجهه ڪيو، ان جي لاءِ دعا ڪيو ته الله پاڪ ان کي توبه جي توفيق عطا فرمائي ۽ ان جي خلاف شيطان جا مددگار نه بڻجو. ([2])
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد