Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi

اي عاشقانِ رسول! اللہ پاڪ قرآنِ مجيد ۾ حضور عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جي ڪيترن ئي عضون مبارڪن جو ذڪر ڪيو آهي جنهن مان حق تعاليٰ جي ڪمال محبت ۽ عنايت پائي وڃي ٿي.

سيپارو27، سُوْرہ نَجْم جي آيت نمبر 11 ۾ قلبِ مبارڪ جو ذڪر ٿئي ٿو۔

مَا كَذَبَ الْفُؤَادُ مَا رَاٰى(۱۱)

تَرجُموڪنزُالعرفان: دل ان جو انڪار نه ڪيو جيڪو(اک) ڏٺو.

27،النجم:11)

سيپاري 19، سُوْرہ شُعَرَا جي آيت نمبر 194,193 ۾ اِرشاد ٿئي ٿو۔

نَزَلَ بِهِ الرُّوْحُ الْاَمِیْنُۙ(۱۹۳) عَلٰى قَلْبِكَ

تَرجموڪنزُالعرفان: هن کي روح الامين کڻي نازل ٿيو اوهان جي دل تي.

 (پ19، الشعراء:193-194)

سيپارو 2 سُورةُ الْبَقَرَه آيت نمبر 144 ۾ چہري مبارڪ جو ذڪر هيئن ٿئي ٿو:

قَدْ نَرٰى تَقَلُّبَ وَجْهِكَ فِی السَّمَآءِۚ-

تَرجُموڪنزُالعرفان: اسان اوهان جي چهري جو آسمان ڏانهن باربار کڻڻ ڏسي رهيا آهيون. (پ2، البقرۃ:144)

جڏهن ته سيپاري 30 سورہ الم نَشْرَح  جي ابتدائي آيتن ۾ سيني  مبارڪ ۽ پٺي مبارڪ جو ذڪر هيئن فرمايو: