Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi

نبيِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ فرمايو: اي ابوہريرہ! اڄ رات تنهنجي قيدي جو ڇا ٿيو۔ مون عرض ڪيو: يَارَسُوْلَ اللہ ان سخت حاجت ۽ ٻار ٻچن جو عذر پيش ڪيو، ان تي مون رحم آيو ۽ ان کي ڇڏي ڏنو، پاڻ فرمايائون: اهو توسان ڪوڙ هڻي ويو وري موٽي ايندو، حضرت ابوهريره فرمائي ٿو: مون کي رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمان سبب پڪ ٿي وئي ته هو وري موٽي ايندو مان ان جي تاڙ ۾ ويٺو رهيس. هو وري آيو ۽ ڪڻڪ جي لپ ڀرڻ لڳو، مون ان کي پڪڙي ورتو ۽ چيو، هاڻ ته توکي رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ ضرور وٺي ويندس۔ ان چيو: مون کي ڇڏي ڏيو مان محتاج آهيان ۽ مون تي ٻار ٻچن جو وڏو بوجھ آهي مان هاڻي نه ايندس، مون کي رحم اچي ويو ۽ مون ان کي رها ڪري ڇڏيو، جڏهن صبح ٿيو ته مون کي رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي ابوہريرہ! تنهنجي قيدي جو ڇا ٿيو؟ مون عرض ڪيو: يَارَسُوْلَ اللہ انهيءَ سخت محتاجي ۽ ٻار ٻچن جو عذر پيش ڪيو مون کي ان تي رحم اچي ويو ۽ مون ان کي ڇڏي ڏنو۔ فرمايائون اهو توسان ڪوڙ هڻي ويو ۽ وري ايندو. مون کي رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ان فرمان تي ته هُو وري ايندو يقين ٿي ويو ته هو ضرور ايندو. مان تاڙ ۾ ويٺو رهيس، هو آيو ۽ ڪڻڪ مان لپ ڀرڻ لڳو، مون ان کي پڪڙي ورتو ۽ چيو هاڻي ته توکي رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ ضرور وٺي ويندس، هي ٽيون ڀيرو آهي تون چئي وڃي ٿو ٻيهر نه ايندس وري اچي وڃين ٿو. ان چيو: مون کي ڇڏي ڏي مان اوهان کي ڪجھ اهڙا ڪلما سيکاري ڇڏيان ٿو ته اللہ پاڪ تِن جي برڪت سان توکي نفعو ڏيندو. جڏهن اوهان بستري ۾ وڃو ته آيَةُ الۡڪُرۡسِي پڙهي ڇڏيندا ڪيو، ته اللہ پاڪ اوهان جي حفاظت فرمائيندو ۽ صبح تائين شيطان اوهان جي ويجھو نه گذرندو. مون ان کي ڇڏي ڏنو، جڏهن صبح ٿيو ته مون کي رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: تنهنجي قيدي جو ڇا ٿيو؟ مون عرض ڪيو: ان چيو مون کي اهڙا ڪلما سيکاريندو جنهن سان الله پاڪ مون کي نفعو ڏيندو: حضور پاڪ جن فرمايو: اهو آهي ته ڪوڙو پر توسان سچ ڳالهائي ويو، ڇا تون ڄاڻين ٿو ته ٽن ڏينهن کان ڪنهن سان گفتگو ڪري رهيو هُئين؟ مون