Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
جيڪو مَعَاذَ اللہ نمازون ڇڏيندي جھنم جو مستحق ٿيندو وڃي ٿو. افسوس! اسان جو رب ته اسان کي ڏينهن رات ڪيتريون ئي نعمتون بنا گھرڻ جي عطا ڪري رهيو آهي پر اسان کي پوري ڏينهن ۾ صرف 5 وقت انهيءَ جي بارگاهه ۾ سجدو ڪرڻ جي توفيق ناهي ٿيندي. ياد رکو! ہر عاقِل ۽ بالِغ مرد ۽ عورت مُسلمان تي روزانو 5 وقت نَماز فَرض آهي، جيڪو نَماز کي فَرض نه مڃي اهو دينِ اسلام مان خارج آهي ڀلي کڻي ان جو نالو ۽ ان جا ٻيا ڪم مسلمانن وارا هجن. ۽ جيڪو نماز کي فرض ته مڃي پر هڪ نماز به ڄاڻي واڻي ڇڏي ته اهو سخت فاسِق ۽ گُنَہگار ۽ باهه جي عذاب جو مسْتَحِق آهي. اعليٰ حضرت، اِمامِ اَہلسنّت مولانا شاھ امام اَحمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جنهن قصداً (ڄاڻي واڻي) هڪ وقت جي (نماز) ڇڏي ته ہزارين وَرِههَ جہنَّم ۾ رهڻ جو مستحق ٿيو. جيسيتائين توبه نه ڪري ۽ ان جي قضاء نه ڪري وٺي۔ (فتاويٰ رضويه ،ج۹ص،۱۵۸) انهيءَ مان اندازو لڳايو ته هڪ نماز کي ڄاڻي واڻي ڇڏڻ تي هزارين ورهه جهنم ۾ رهڻو پوندو ته جيڪو شخص سڄي ڏينهن جون پوريون نمازون ڄاڻي واڻي ڇڏي ڏيندو هجي بلڪه ماڳهين نمازون ئي نه پڙهندو هجي ته اهو ڪيتري قدر عذاب جو شڪار ٿيندو۔ ۽ ياد رکو! ڄاڻي واڻي نماز ڇڏڻ واري کان ته خود شيطان به پناهه گھرندو آهي. جيئن ته
مَنْقُول آهي ته هڪ شَخْص جهنگل (Jungle) ۾ وڃي رهيو هيو، شيطان به ان سان گڏ هلڻ لڳو، اُنهيءَ شَخْص سڄي ڏينهن ۾ هڪ به نماز نه پڙهي ايسيتائين جو رات ٿي وئي، شيطان ان وٽان ڀڄڻ لڳو، اُن شَخْص حيران ٿي ڀڄڻ جو سبب پڇيو: ته شيطان چيو:’’ مون سڄي عمر ۾ صرف هڪ ڀيرو آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام کي سَجْدو ڪرڻ کان اِنڪار ڪيو ته مَلْعُون ٿيس ۽ تُو اڄ پنجئي نمازون تَرڪ ڪري ڇڏيون، مون کي خوف اچي ٿئي ته ڪٿي توتي قَہر نازل نه ٿئي ۽ مان به ان ۾ ڦاسي پوان .“ (دُرَّةُ النّا صِحِين،ص۱۴۴،ملخصاً)