Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
دنيا ۾ ڪيئي اهڙا عجيب ۽ غريب ۽ انوکا واقعا سامهون آيا جيڪي ان ڳالهه جو ڏس ڏئي رهيا هئا ته هاڻي ڪفر جون اونداهيون مٽجڻ لڳيون آهن، جيڪي اهو ٻڌائي رهيا هئا ته هاڻي بيڪسيءَ جا ڏينهن ختم ٿيڻ لڳا آهن، جيڪي اهو ٻڌائي رهيا هئا ته هاڻي بي سهارن جي بيسهارَپ ختم ٿيڻ واري آهي، جيڪي اهو ٻڌائي رهيا هئا ته ظلم ۽ ستم جي دروازي جو خاتمو ٿيڻ وارو آهي، جيڪي اهو ٻڌائي رهيا هئا ته هاڻي غريبن جا ڏينهن ڦرڻ وارا آهن، ڇو ته هاڻي بيڪسن جا والي، بي سهارن جا سهارا غريبن جا آسرا ظلم ۽ ستم کان نجات ڏيارڻ وارا مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف وٺي اچڻ وارا آهن۔ مختلف طريقن سان سندن آمد جون خبرون ۽ نشانيون هن دنيا کي ملنديون رهيون، ڪنهن ۾ بالڪل واضح علامت پائي ويندي هئي ته ڪنهن ۾ اشارةً تشريف آوري جو تذڪرو ٿيندو رهيو۔ الغرض ولادتِ باسعادت تائين بشارتن جو، خوشخبرين جو سلسلو ايئن ئي جاري ۽ ساري رهيو۔ مولانا جميل الرحمٰن رضوی رَحْمَةٗ اللہِ عَلَيْہ ڪيترو نه خوب فرمائن ٿا:
بدلیاں رَحمت کی چھائیں بُوندیاں رَحمت کی آئیں اب مُرادیں دل کی پائِیں آمدِ شاہِ عَرَب ہے
ابرِ رحمت چھا گیا ہے کعبے پہ جھنڈا گڑا ہے بابِ رحمت آج وَا ہے آمدِ شاہِ عرب ہے
آنیوالا ہے وہ پیارا دونوں عالم کا سہارا کعبے کا چمکا ستارہ آمدِ شاہِ عرب ہے
غنچے چٹکے پھول مہکے شاخِ گل پر مرغ چہکے روتا ہے شیطاں یہ کہہ کے آمدِ شاہِ عرب ہے
خواہشِ زلفِ نبی میں مست ہیں گل کی شمیمیں جھُوم کر آئی نسیمیں آمدِ شاہِ عرب ہے
مومنو وقتِ ادب ہے آمدِ محبوبِ ربّ ہے جائے آداب و طرب ہے آمدِ شاہِ عرب ہے
آتا ہے شاہِ حکومت فرض ہے جس کی اطاعت ہر نبی نے دی بشارت آمدِ شاہِ عرب ہے
(قبالۂ بخشش، ص۱۸۴)