Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
آيو ۽ اڃان هو انهيءَ جي قيام گاھ کان ٻاہَر ئي هيو ته سَطيح ان کي آواز ڏنو ۽ پنهنجي پيشنگوئي جي زور تي اهو سڀ ڪجھ ٻڌائي ڇڏيو جنهن جي اڃان هُن خبر به نه ڏني هئي، سطيح چيو: اي عبدُ المسيح! تون اُٺ تي سوار ٿي مون وٽ آيو آهين ۽ بيشڪ پري کان سفر طئي ڪري آيو آهين، توکي بني ساسان جي بادشاهه ڪسريٰ موڪليو آهي ته تون محل جي زلزلي، باهه جي وسامي وڃڻ ۽ خواب جي باري ۾ پڇي سگھين، جنهن ۾ ان ڏٺو آهي ته سرڪش اُٺن جي پويان عربي گھوڙا آهن جيڪي درياء دجله کي پار ڪري سندن ملڪ ۾ پکڙجي ويا آهن.
پوءِ ان چيو: اي عبد المسيح! جڏهن تلاوت جي گھڻائي ٿي وڃي ۽ صاحِبِ عَصا (يعني حضرت محمد صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ظاہر ٿي وڃن ۽ وادي سَماوَہ وهڻ لڳي ۽ بُحَيْرَہِ سَاوَہ خشڪ ٿي وڃي ۽ فارس جي باهه وسامي وڃي ته پوءِ ملڪ شام سطيح جي لاءِ شام نه رهندو، جيترا ڪُنگرا ڪسريٰ جي محل جا ڪريا آهن اڃا ايترائي بادشاهه ٻيا ٿيندا جيڪي هڪ ٻئي پٺيان حڪومت ڪندا، پوءِ انهن جي حڪومت جو سلسلو ختم ٿي ويندو، ڪسريٰ جو خواب سندس بادشاهت جي خاتمي جو الارم (Alarm) آهي، ان جي (بادشاهت) اسلام ۽ اہلِ اسلام جي مملڪت بڻجي وڃڻ ۽ انهيءَ جي شہرن ۾ عربن جي داخل ٿيڻ جي علامت آهي. (مولد رسول اللہ و رضاعہ لابن کثير، ص۲۲ملخصاً)
آئی نئی حُکومت سکّہ نیا چلے گا عالَم نے رنگ بدلا صُبحِ شبِ وِلادت
رُوحُ الْامِیں نے گاڑا کعبہ کی چھت پہ جھنڈا تا عرش اُڑا پھریرا صُبحِ شبِ وِلادت
پڑھتے ہیں عرش والے سُنتے ہیں فرش والے سُلطانِ نو کا خطبہ صُبحِ شبِ وِلادت
دن پھر گئے ہمارے سوتے نصیب جاگے خُورشید ہی وہ چمکا صُبحِ شبِ وِلادت
پیارے ربیعُ الاوّل تیری جھلک کے صدقے چمکا دیا نصیبا صُبحِ شبِ وِلادت