Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi

     اي عاشقانِ رسول! آمدِ مصطفيٰ جون خوشيون ملهائڻ يعني ميلاد شريف ملهائڻ قرآني حڪم ۽ نبي پاڪ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خُوشنودي جو باعث آهي۔ يقيناً ميلاد شريف ملهائڻ، ميلاد جي مهيني ۾ پنهنجي گھرن، گھٽيءَ پاڙي بلڪه پنهنجي گاڏيءَ کي مَدني جھنڊن، جڳمڳائيندڙ قُمقُمَن، رنگ برنگي لائٽن سان سجائڻ، هِن مبارَڪ مهيني جي آمد تي خاص ڪري گناہن کان توبه ڪرڻ، سنتن ۽ نيڪين تي اِستقامت ماڻڻ جي عظيم مَدني نُسخي يعني "نيڪ اعمال" جي مطابق زندگي گزارڻ جو پڪو ارادو ڪرڻ، شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ "مرحبا يا مُصطفيٰ" جي ڌوم مچائڻ لاءِ اسلامي ڀائرن جي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ، مِيلاد جي اجتماع ۽ ميلاد جي جُلوسِ ۾ مڪتبةُ المدينہ جا رسالا ورهائي ڪري نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ، ربِيعُ الاوّل جي 12 ڏينهن تائين عَلائقي جي مختلف مسجدن ۾ جشنِ وِلادت جا عظيم الشّان سُنّتن ڀريا اجتماعَ مُنعقد ڪرڻ، ربيعُ الاوّل جي ہفتي وار اجتماع ۽ مدني مذاڪري ۾ مدَني پرچم کڻي شروع کان آخر تائين شرڪت ڪرڻ، ٻارهينءَ جي رات هن عظيم رات جي تعظيم جي نيت سان غسل ڪرڻ، نئون لباس پائڻ، پنهنجي روزمرّہ اِستعمال جون نيون شيون وٺڻ ، خَاتَمُ الْمُرسَلِيْن، رَحْمَةُ لِّلْعَالَمِيْن، شَفِيۡعُ الْمُذْنِبيْن، اَنِيْسُ الْغَرِيْبِيْن، سِرَاجُ السَّالِڪِيۡن، مَحْبُوبُ رَبِّ الْعَالَمِيْن، جنابِ صَادِقُ ۽ اَمينصَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنّت تي عمل ڪندي ولادت جي ڏينهن(12ربيع الاول) جو روزو رکڻ، ٻارهين رات اِجتماعِ ميلاد ۾ گذاري ڪري صبحِ صادق، هٿن ۾ مَدني جھنڊا کڻي، دُرود و سلام جا هار کنيو، اشڪبار اکين سان "صبحِ بہاران" جو اِستقبال ڪرڻ، فجر نماز کان پوء"سلام ۽ عيد مبارڪ"چئي ڪري هڪٻئي سان ملاقات ڪرڻ، سڄو ڏينهن عيد ميلادالنبي جي مبارڪباد پيش ڪرڻ ۽ عيد ملندي رهڻ، خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ، اجتماعِ ميلاد ۽ جلوسِ ميلاد جي عاشقانِ رسول جي لاءِ لنگرِ ميلاديه (کاڌو کارائڻ) جو اهتمام ڪرڻ، جلوسِ ميلاد ۾ مدني جھنڊا کڻي، باوُضو لَبن تي دُرود ۽ سلام ۽ نعتن جا نغما سجائي، تعظيمِ نبيءَ سان ڪنڌُ جھڪائي "مرحبا يا مُصطفيٰ"جا نعرا لڳائڻ ۽ خوب خوب صدقو ۽ خيرات ڪرڻ باعثِ اجرو ثواب آهي۔