Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَڄ اسان جي بيان جو موضوع آهي”معجزو بڻجي آيو اسان جو نبي(صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم)“. جنهن ۾ اسان رسولِ ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت باسعادت ۽ ولادت جي وقت ظاهر ٿيڻ وارن معجزن ۽ سندن جي مختلف معجزن جي باري ۾ ٻڌنداسين.

  يقيناً هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته نبي آخر الزّمان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام نبين جا به نبي آهن. ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيرتِ مقدسه تمام نبين جي مقدس زندگين جو خلاصو آهي ۽ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عالمِ ڪائنات ۾ اولين ۽ آخرين جي تمام قومن جي طرف نبي بڻجي آيا. انڪري الله پاڪ پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ زندگي کي گذريل نبين جي سڀني معجزن جو مجموعو بڻايو ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي طرحين طرحين جي اهڙن بيشمار معجزن سان سرفراز فرمايو، جيڪي هر طبقي، هر ٽولي، هر قوم ۽ تمام اهلِ عرب جي مزاج جي لاءِ ضروري هئا. (سیرتِ مُصْطَفٰے، ص۷۱۲ تا۷۱۴،ملخصًا و ملتقطاً )

انهيءَ کان علاوہ اللہ پاڪ پنهنجي آخِري پيغمبر، شَفيعِ مَحْشر صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اهڙا بيشُمار مُعْجِزَا به عطا فرمايا جيڪي سندن جا خَصائص سڏيا ويندا آهن. يعني هي سندن جا اهي ڪمالات ۽ مُعْجِزَات آهن، جيڪي ڪنهن ٻي نَبي ۽ رَسُول کي عَطا ناهن ڪيا ويا۔ (سيرتِ مُصْطَفيٰ ،ص۸۲۰ملخصاً) علماءِ ڪرام سندن مقدس عضون مان ظاہر ٿيڻ وارا ڪيئي معجزا بيان فرمايا آهن۔ ٻيا انبياء عَـلَـيْهِمُ السَّلَام معجزات کڻي ايندا ها جڏهن ته اسان جو نبي صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ معجزو بڻجي ڪري تشريف وٺي آيو۔

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا، دوعالم جي داتا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا معجزات بي شمار آهن، اللہ پاڪ پنهنجي عطا سان پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اهڙو زبردست اختيار ۽ قُوت عطا فرمائي آهي جو جنهن جو اندازو لڳائي نٿو سگھجي۔”اللہ