Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
پاڪ جي عطا سان“ سندن آڱر جي اِشاري سان چنڊ جا ٻه ٽڪڙا ڪيا، ”اللہ پاڪ جي عطا سان“سندن دُعا فرمائي ته لٿل سج موٽي آيو،”اللہ پاڪ جي عطا سان“ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻي ۾ پٿر کي تاري ڇڏيو”اللہ پاڪ جي عطا سان“ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪاٺيون بلب جيان روشن فرمائي ڇڏيون۔”اللہ پاڪ جي عطا سان“پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم لعابِ دہن (يعني ٿُڪ مبارڪ) وجھي ڪري کوهه جي کاري پاڻي کي مٺو ڪري ڇڏيو۔”اللہ پاڪ جي عطا سان“ پاڻ آڱرن مان پاڻيءَ جا چشما وهائي ڇڏيا، ”اللہ پاڪ جي عطا سان سندن“ شَجَر و حَجَر (يعني وڻن ۽ پٿرن) سان ڪلام ڪيو ،”اللہ پاڪ جي عطا سان“وڻ سندن جي بارگاھ ۾ حاضريءَ لاءِ آيو۔”اللہ پاڪ جي عطا سان“ ٿورڙو کير ستّر(70) ماڻهن کي ڪافي ٿي ويو۔”اللہ پاڪ جي عطا سان“ ٿورو کاڌو وڏي جماعت جي ڪفايت ڪري ويو، ”اللہ پاڪ جي عطا سان“پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي برڪت سان جانور انساني ٻولي ڳالهائڻ لڳا. الغرض! اللہ پاڪ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي سراپا معجزو بڻائي موڪليو آهي، جيئن ته سپاري 4 سورہ نساء آيت نمبر 174 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ قَدْ جَآءَكُمْ بُرْهَانٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَ اَنْزَلْنَاۤ اِلَیْكُمْ نُوْرًا مُّبِیْنًا(۱۷۴) (پ6،النساء:174)
تَرجُموڪنزُالعرفان: اي انسانو بيشڪ توهان وٽ توهان جي رب طرفان واضح دليل آيو ۽ اسان توهان جي طرف روشن نور نازل ڪيو۔
صَلُّو ْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد